Movie Review: Dangerous Beauty
ھي 1999 ۾ ٺهيل ھڪ تاريخي ۽ رومانوي فلم آهي جيڪا مارگريٽ روزينٿل جي 1992 ۾ ڇپيل ناول "دي آنيسٽ ڪورٽيزان (ايماندار طوائف) تي آڌاريل آهي. ويرونيڪا فرانڪو ھڪ خوبصورت ۽ عقلمند پر غريب ڇوڪري جيڪا شاعره پڻ آهي، رائل فيملي جي ھڪ امير ۽ خوبصورت نوجوان جي عشق ۾ مبتلا ٿي ٿي. ليڪن سماجي اڻ برابري جي بنياد تي سندس عاشق مارڪو ساڻس شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو ڇڏي. ان کانپوءِ ويرونيڪا سندس ماءُ جي صلاح تي طوائف بڻجي، نه صرف وينس جي اھم سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان لاڳاپا قائم ڪري ٿي بلڪه ھڪ وقت تي فرانس جي بادشاهه ھينري جي خدمت ڪري وينس لاءِ ترڪن جي خلاف جنگي مدد پڻ حاصل ڪري ٿي. ان سموري ڪھاڻي ۾ سترھين صدي ۾ عورت جي سماجي حيثيت، سياسي ۽ مذهبي رجحانات، مذهب جو سياست ۾ عمل دخل ۽ سماجي اڻ برابري چٽي نموني فوڪس ڪيا ويا آهن. فلم پراڻي ھجڻ ڪري ريزوليوشن توڙي جي ھاءَ ڊيفينيشن ناهي پر سينيميٽوگرافي ڪمال آهي ۽ وينس ۽ عورت جي خوبصورتي کي سھڻي نموني پراجيڪٽ ڪيو ويو آهي. فلم ۾ ھڪ شاعر به ڏيکاريل آهي جيڪو ويرونيڪا تائين سڌي پھچ نه ھجڻ ڪري سندس ڪروڌ ۾ مبتلا ٿي ملان/پادري بڻجي وڃي ٿو ۽ آخر ۾ پاپائيت جو وڪيل بڻجي ھر قيمت تي ويرونيڪا کي مارائڻ ٿو چاهي. ڪھاڻي جي گھرج مطابق فلم ۾ ڪجهه اگھاڙپ ۽ جنسي پڻي وارا منظر پڻ آهن ان ڪري اھا ننڍي عمر جي ٻارن لاءِ غيرموزون آهي . انڊين ڊائريڪٽر سنجهي ليلا ڀنسالي جي گذريل سال آيل فلم "گنگو ٻائي ڪاٺياواڙي" جا ڪافي منظر توڙي ڊائلاگ ھن فلم مان متاثر لڳڻ ٿا.
مجموعي طور تي تاريخي ۽ رومانوي فلمن جي مداحن لاءِ ھيءَ ھڪ سٺي فلم آهي، جيڪا نيٽفلڪس تي دستياب آهي.